اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جي اظهار لا??ِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ 26 اپريل 2022ع تي ڪراچي ۾ ٿيل دهشتگردي جي حملي ۾ چيني شهرين جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي چيني سفارتخاني جي ناظم الامور پينگ چونچوئي ۽ آفيسرن سان ڳالهائيندي صدر چيو ته ان افسوسناڪ واقعي تي پوري پاڪستاني قوم کي گهرو ڏک ۽ افسوس آه?? ۽ هو پنهنجي چيني ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آه??. ڊاڪٽر عارف علوي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان چيني شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ ان ڪڌي واقعي ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو، صدر واقعي جي پرزور مذمت ڪندي چيو ته اسان جي دشمنن جا ناپاڪ ارادا ان جي پويان آه?? جيڪي پاڪ چين دوستي ۽ ۽ سي پيڪ منصوبي کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا پر اهي پنهنجي انهن ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندا ڇو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري دوستي هموار آه?? ۽ هو سدا بهار دوستي کي سگهه ڏيڻ لاءِ پرعزم آه??. هن ناظم الامور کي چيو ته هو چيني عوام، ڪميونسٽ پارٽي ۽ صدر شي جن پنگ تائين به اه?? دلي تعزيت پهچائي. ناطم الامور سفارتخاني جو دورو ڪرڻ ۽ چين جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو، هن چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل مستقبل جا حامل آه?? ۽ انهن جي وچ ۾ دوستي ۽ ويجهي تعاون جي ڊگهي تاريخ آه??، هن حملي جي مذمت ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ان واقعي جي پردي پويان ڏوهارين کي گرفتار ڪري سزا ڏني ويندي، ان کانپوءِ صدر سفارخاني جي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات به قلمبند ڪيا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر چيو ته چيني عوام سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪريان ٿو، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڀائراڻي دوستي ۽ عوام جي سطح تي گهرا لاڳاپا هموار آه??، هن چيو ته ٽن چيني شهرين جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ سان ائين لڳي ٿو ته اسان پنهنجي پاڪستاني رشتيدارن کي وڃايو آه??، ان المناڪ واقعي تي چين جي صدر شي جن پنگ، ڪميونسٽ پارٽي آف چائنه ۽ چيني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ چين جا گه??ا دوستاڻا لاڳاپا اسان جي دشمنن لاءِ خطرو آه?? ان لاءِ هو چين پاران اسان جي مدد، بي آر آئي ۽ سي پيڪ جي ذريعي چين جي امن ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي پويان آه??، تنهن ڪري جتي به دهشتگرد آه?? اسان کي انهن جي ناپاڪ ارادن کي گڏجي ناڪام بڻائڻ جي ضرورت آه??. بنا شڪ جي پاڪستان دهشتگردي جي خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي آه??، تنهن هوندي به اهو واقعو رونما ٿيو آه?? جيڪو اسان جي لاءِ انتهائي دردناڪ آه??، صدر چين کي خ??طري ڪرائي ته پاڪستان جي حڪومت جوابدارن جو پتو لڳائڻ ۽ انهن کي سزا ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، هن پاڪستان ۾ چيني شهرين جي خ??متن کي ساراهيندي چيو ته اسان کي ٽيڪنالاجي، ثقافت، زبان، ڪميونيڪيشن سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون جي ضرورت آه??، هي ٽئي چيني شهري چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪميونيڪيشنز اسڪلز ۾ بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا، اسان خاطري ڪرايون ٿا ته پنهنجي شهرين وانگر چيني شهرين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائينداسين.