اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي ٻن مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ??نگ مان جاري بيان موجب صدر اتر وزيرستان ۾ 23 مئي جي حم??ي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي شهيدن جي و??رثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ساڻن افسوس جو اظهار ڪيو. صدر سپاهي رحيم گل ۽ سپاهي ظهور جي و??رثن سان ٽليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر 19 مئي تي ڏکڻ وزيرستان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿين??ڙ حوالدار محمد سنور جي و??رثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر پاڪ فوج جي شهيدن کي و??ن تي جان نڇاور ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي بلند درجن ۽ پوئينرن لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي.