اسلام آباد– 31 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف اڄ خيبر پختون خواهه جي ٻوڏ متاثر ضلعن سوات ۽ لوئر ڪوهستان جو دورو ڪندو. وزيراعظم جي آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ضلعي سوات ۾ ڪانجو جڏهن ته ضلعي لوئر ڪوهستان ۾ پتن ويندو. وزيراعظم کي ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصان ۽ امدادي سر گرمين تي بر??فنگ ڏني ويندي. وزيراعظم امدادي ڪمن جو جائزو وٺندو ۽ ٻوڏ متاثرين سان ملاقات ڪندو.