سرينگر – 31 – آگسٽ (ا?? پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قائد حريت ۽ تحريڪ آزادي ڪشمير جي علامت سيد علي گيلاني سدائين ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب حل ڪرڻ جي وڪالت ڪئي آهي. ڪشمير م??ڊيا سروس موجب سيد علي گيلاني سڄي زندگي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختي??ري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪئي. پن??نجي ڪيترين ئي تقريرن ۽ خطابن ۾ هن چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير هڪ تڪر??ري علائقو آهي ۽ ڪشميرين کي اهو فيصلو ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي ته اهي ڀارت سان گڏ رهڻ چاهين ٿا يا پاڪستان سان الحاق ڪرڻ چاهين ٿا. هن جو چوڻ هو ته ڪشميري ڀارت کان عليحدگي جو مطالبو نه ڪري رهيا آهن پر ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي چاهين ٿا جيڪو ??ڏهن ڀارت جو حصو ناهي رهيو.