اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو وزارت آمريڪا، جاپان، فرانس، جرمني ۽ برطانيه سميت ٻين 7 ملڪن جي 15 عالمي اين جي اوز کي پاڪستان جي ٻوڏ سٽيل علائق?? ۾ ??يسڪيو ۽ رليف جي ڪمن لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي آهي، انهن اين جي اوز جون پهريان کان پاڪستا?? ۾ ??فيسون موجود هيون، انهن اين جي اوز کي انهن متاثر ماڻهن جي مدد، رليف ۽ بحالي جو اين او سي به جاري ڪيو ويو آهي. گهرو وزارت جي ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو ته پاڪستان جي ٻوڏ سٽيل علائق?? ۾ ??يسڪيو ۽ رليف جي ڪمن لاءِ ٽير فنڊ (برطانيه)، سڪيور اسلامڪ فرانس (فرانس)، مرسي ڪارپس (آمريڪا)، لائف لائن ڪرسچن ڊولپمينٽ سروسز (جرمني)، مسلم هينڊز (برطانيه) سي بي ايم اي ڊاٽ وي ڊاٽ (جرمني)، ترڪي معرف فائونڊيشن (ترڪي)، ڪيٿلڪ رليف سروسز (آمريڪا)، اي اي آر جاپان (جاپان)، ڪي اين ڪي جاپان (جاپان)کي ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جي ڪمن جي اجازت لاءِ گهرو وزارت خميس ڏينهن ب??قا??ده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اهي انٽرنيشنل اين جي اوز پهرين کان پاڪستان وٽ رجسٽرڊ آهن، کين صرف ٻوڏ سٽيل علائق?? ۾ ??يسڪيو، رليف، بحالي ۽ امدادي ڪمن لاءِ اجازت ڏ??ي وئي آهي.