اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سخت برساتن ۽ ٻوڏ سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، عالمي ادارن کي بنيادي ڍانچي جي ??حالي ۽ مشڪلاتن جو شڪار هزارين ماڻهن کي ريليف فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستان سان تعاون ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ گڏيل سيڙپڪاري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ اسان کي نوان موقعا ڳولڻ گهرجن، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي، پاڪستان سميت مسلمان امت ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي جي ??وچ جي ??ريعي هندستاني مسلمان?? تي ٿيندڙ حملن ۽ انهن کي الڳ ڪرڻ تي فڪرمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيه جي ??رڪاري خابرو اداري اناطوليه کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان سڀني سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو جيئن ته دنيا معاشي بحران مان گذري رهي آهي، پاڪستان ڪنهن پولرائيزيشن ۽ ڪنهن ڪئمپ جو حصو بڻجڻ جو خواهشمند نه آهي. هن چيو ته ترڪيه جي ??در رجب طيب اردوان جي ??يپٽمبر ۾ پاڪستان جي ??و??ي جي آجيان ڪنداسين، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مسلمان امت جو تمام گهرو ۽ پائيدار رشتو آهي، حقيقي معنيٰ ۾ ته اهو 1400 سال?? تي ٻڌل آهي پر رياستي حيثيت جي لحاظ کان جڏهن کان پاڪستان وجود ۾ آيو آهي اهو رشتو عوامج ي سطح تي آهي، 1880ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن ترڪيه روس جي ??نگ ۽ زلزلن وغيره مان گذريو ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن به فنڊز ڏنا ۽ مختلف جنگين ۾ ترڪيه عوام سان گڏجي وڙهڻ جي لاءِ ماڻهن کي موڪليو، ان ڳالهه کان هٽي ڪري ته اقتدار ۾ ڪير اچي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا افهام تفهيم ۽ گهرا لاڳاپا آهن. هن چيو ته جڏهن به ترڪيه جي ماڻهن سان مليس سدائين انهن کان متاثر ٿيس، اها وڏي حيراني جي ڳالهه هئي ته جيئن ئي ڪنهن پنهنجي ??ڃاڻپ پاڪستاني طور تي ڪئي ته استنبول ۽ ٻين شهرن جي ??ست?? تي محبت ئي محبت ملي، پاڪستان ۽ ترڪيه جي ??ها دوستي تمام گهري آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه جا صدر ۽ وزيراعظم سدائين ان جو اظهار حقيقي معنيٰ ۾ ڪن ٿا. صدر عارف علوي چيو ته اها حقيقت آهي ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان وڌ کان وڌ تعاون ڪن ٿا، اهو تعاون اڄ تمام اهم آهي ڇو ته دنيا بدلجي ??هي آهي، اسان کي انهن رشتن کي ڳنڍڻ جي ??رورت آهي، نئين دور ۾ دنيا کي هڪ نئين انداز ۾ ڏسڻ جي ??رورت آهي. يوڪرين جنگ جي ??وران ترڪيه جي ??در ۽ وزيراعظم پاڪستان امن جي لاءِ اهم ڪوشش ڪئي ڇو ته اسان امن چاهيون ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ گڏيل سيڙپڪاري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ اسان کي نوان موقعا ڳولڻ گهرجن، ترڪيه سان گڏوگڏ پاڪستان جي ڀر??اسي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جي ??سٽريٽجڪ اهميت آهي، حقيقت اها آهي ته مسلمان امت جي ??وچ هڪ جهڙي هجڻ گهرجي، اهو سدائين اسان جي ??يجنڊا تي رهندو، اها حقيقت آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا پاڪستان ۽ ترڪيه جي ماڻهن جي لاءِ اهم آهن. صدر پاڪستان جي ??مريڪا ۽ چين ۽ روس سان لاڳاپن ۽ روس سا?? تيل ۽ اناج جي ??ريداري بابت سوال تي چيو ته اهو فيصلو حڪومت کي ڪرڻو آهي، پاڪستان آمريڪا سميت پنهنجي پراڻن دوستن سان سٺن لاڳاپن جو خواهشمند آهي، اسان چين سان به پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ڪنهن جي هٿ ۾ کيڏڻ نه ٿو چاهي، پاڪستان هڪ آزاد ملڪ آهي، پاڪستان هر هڪ سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو خاص طور تي هن وقت پاڪستان ۽ ترڪيه سميت پوري دنيا معاشي بحران مان گذري رهي آهي. صدر عارف علوي چيو ته اسان نه ٿا ڄاڻون ته مستقبل ۾ قانونن ۾ ڪهڙي طرح ترميم ڪئي ويندي ۽ ڇا مستقبل ۾ بلاڪس سان دنيا ورڇ ٿيندي يا دنيا متحد ٿيندي، اسان سرد جنگ ٿيندي ڏٺي آهي، اسان گڏيل يقيني تباهي جي نظريي تي عمل ان وقت ڏٺو آهي جڏهن سڄي دنيا جي ??هرين جي محنت سان ڪمايل کربين ڊالر سپر پاورز رڳو هٿيارن جي ??ياري?? تي خرچ ڪيا، اهو ٽڪراءُ گذريل 10 سالن ۾ گهٽ ٿيو آهي ۽ اسان اميد ڪنداسين ته مستقبل ۾ نئين بلاڪس جي وچ ۾ مفاهمتون اڀرنديون، طاقت جي نئين بلاڪس کي فروغ ڏيڻ گهرجي ۽ قدمن بابت ٺاهه کي فروغ ملڻ گهرجي ڇو ته وڌندڙ موسمياتي تبديلي جي ڏس ۾ اها دنيا جي لاءِ ڀلائي هوندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند اهي پر ڇا هندستان به امن چاهي ٿو ان جو مون کي يقين نه آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جا قدم امن جي لاءِ هڪ سنگين ڌچڪو هئا، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تبديلين جي ??ريعي والاريل ڪشمير جي ??ياست ۽ آبادي جي ??ناسب کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اهو ڪشميري عوام جي لاءِ تمام گهڻو تڪليف ڏيندڙ قدم آهي. هن چيو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي، ڀارت اهو معاملو پاڻ ئي گڏيل قومن ۾ کڻي ويو نه ته ڪشمير ننڍي کنڊ جي ورڇ جي وقت کان ئي پاڪستان جو حصو هجي ها ۽ پاڪستان دنيا جي نئين اڀرندڙ تنظيم گڏيل قومن جو احترام ڪيو پر پاڪستان کي مايوسي ٿي آهي، جيستائين والاريل ڪشمير جو تعلق آهي ڀارت ڪا ڪسر ناهي ڇڏي، اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اختلاف جو هڪ وڏو سبب آهي. هن چيو ته اسان ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي جي ??وچ جي ??ريعي هندستاني مسلمان?? تي ٿيندڙ حملن ۽ جهڙي طرح هندستان ۾ مسلمانن کي الڳ ڪيو پيو وڃي، ا?? تي به فڪرمند آهيون ۽ مسلمان امت به ان بابت فڪرمند آهي، اها اسان جي لاءِ ترڪيه ۽ مسلمان دنيا جي ??مورن ملڪن جي لاءِ پڻ تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي، اسان چاهيون ٿا ته اقليتون امن سان رهي سگهن، جڏهن اقليتن کي گهيريو وڃي ٿو يا ماريو وڃي ٿو يا زيادتي جو نشانو بڻايو وڃي، انهن جي ??واز کي دٻايو وڃي ٿو ته ان سان بدامني پيدا ٿئي ٿي، پاڪستان ٻين ملڪن کان وڌيڪ فڪرمند آهي ڇو ته اسان پاڙيسري آهيون، ڀارت ۾ ڪجهه به ٿي وڃي اهي آسان رستو اختيار ڪن ٿا ۽ پاڪستا?? تي الزام هڻن ٿا.