ڪراچي – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 12500 خ??ند??نن کي راشن بيگس، 1310 خيما، 800 مڇر دانيون ۽ 394 پلاسٽڪ ترپال فراهم ڪي??ن ويون آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته جيڪب آباد ۾ 2000 خ??ند??نن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا. اهڙي طرح قمبر شهدادڪوٽ ۾ 4000، شهيد بينظير آباد جي 4000، نوشهروفيروز ۾ 1500 ۽ عمرڪوٽ جي 250 خ??ند??نن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1879095 خ??ند??نن ۾ راشن جا ٿيلها ورهايا ويا آهن. امدادي سرگرمين جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين متاثرين کي 628786 خيما، 542830 پلاسٽڪ ترپال، 804811 ليٽر منرل واٽر، 182023 پڪل کاڌي جون ديڳيون ۽ ٻيون شيون فراهم ڪي??ن ويون آهن. ان کان علاوه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت وفاقي حڪومت سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ بينيفشريز کي رقمون منتقل ڪي??ن آهن. 20 آڪٽوبر تائين سنڌ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 1815116بينيفشريز کي 45 ارب 37 ڪروڙ 79 لک رپيا ڏنا ويا آهن. صوبائي وزير چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي واقعن ۾ 792 ڄڻا فوت ٿيا آهن ۽ 8422 ما????و زخمي ٿيا آهن.