اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن کي سماجي علم ۽ مارڪيٽ جي ض??ور??ن موجب نصاب تي??ر ڪرڻ جي ض??ور?? تي زور ڏيندي چي?? آهي ته شاگردن کي سماجي علم ۽ مارڪيٽ جي گهرج موجب هنر سيکاريا وڃن. اڪيڊمي ڌرين جي تجربن مان فائدو کڻڻ ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بهترين عالمي طريقن کي اختي??ر ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ ۽ بورڊ آف گورنرز جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. صدر معاشري ۾ فن ۽ ادب جي فروغ لاءِ اڪيڊمي ادبيات جي ڪردار کي ساراهيو. هن اڪيڊمي ادبيات جي خدمتن ۽ مصنوعات جي پهچ وڌائڻ جي لاءِ ٺوس ۽ موثر مارڪيٽنگ حڪمت عملي جي ض??ور?? تي زور ڏنو. هن چي?? ته ڊيجيٽلائيزيشن اڪيڊميات جي ادبي مصنوعات ۽ خدمتن کي ويب سائيٽ ۽ سيل فون ايپليڪيشن ذريعي ڦهلائڻ ۾ مدد ڏئي سگهجي ٿي. صدر پاڪستان جي مختلف علائقائي زبانن جي تحفظ جي لاءِ اڪيڊمي جي ڪوششن کي ساراهيو، جيڪي نظرانداز ڪيون ويون آهن. هن چي?? ته هر زبان مخصوص علم، حڪمت ۽ ورثي جو ذخيرو آهي، زبانن کي موجوده ۽ ايندڙ نسلن سان گڏوگڏ معاشري جي بهتري لاءِ محفوظ ڪرڻ جي ض??ور?? آهي. هن چي?? ته اڪيڊمي لاڳاپيل ڌرين جي تجربن مان فائدو کڻڻ ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بهترين عالمي طريقن کي اختي??ر ڪري. هن اڪيڊمي کي هدايت ڪئي ته اها پنهنجي اهم هدفن کي ??اص?? ڪرڻ جي لاءِ بجيٽ جو دانشمنداڻي طريقي سان استعمال کي يقيني بڻائي. اڪيڊمي ادبيات جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ اجلاس کي ٻڌايو ته اڪيدمي مقامي اديبن ۽ شاعرن ۽ مرحوم اديبن جي سوڳوار ۽ مالي مشڪلاتن جو شڪار خاندانن کي ماهوار اعزازيو ادا ڪري ٿي. هن وڌيڪ چي?? ته ان اسڪيم سان هڪ هزار خاندان (غيرمصفين/ فوت ٿيندڙ ليکڪ جا سوڳوار خاندان) فائدو کڻي رهيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اڪيڊمي ريسرچ اسڪالرز، شاعرن، اديبن ۽ ادب جي شاگردن کي ضروري حوالاجاتي مواد فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ لائبريري به قائم ڪئي آهي ۽ اڪيڊمي جي لائبريري م 30 هزار کان وڌيڪ ڪتاب ۽ رسالا موجود آهن. اڪيڊمي هڪ خودمختيار ادارو آهي، جيڪو پاڪستاني زبانن، ادب جي فروغ ۽ ملڪ ۾ ليکڪ برادري جي ڀلائي لاءِ سمورن حڪومتي نظامن کي نظم ۽ ضبط ۾ رکي ٿو. ان کانسواءِ اردو، انگريزي ۽ ٻين پاڪستاني ٻولين ۾ ادبي رسالا تي??ر ڪري ٿو ۽ مختلف ادبي ايوارڊن جي لاءِ نالن جي سفارش ڪري ٿو.