دادو – پهرين ڊسمبر (اي پي پي)بيلجيم جي اوورسي?? ڪميونٽي بابت پاڪستان جي صدر معظم خان سنڌ جي ضلعي دادو جي ٻوڏ متاثرن جو دورو ڪيو ۽ انهن ۾ راشن جا ٿيلها، خيما، مڇر??ان??ون ۽ دوائون ورهايون. پنهنجي دوري دوران معظم خان مقامي ۽ عالمي اين جي اوز کي درخواست ڪئي ته اهي ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪن. سندس چوڻ هو ته کيس اميد آهي ته صوب??ئي ۽ وفاقي حڪومتون صورتحال جو ازالو ڪنديون ۽ متاثرن جي نقصان جو ازالو ڪنديون. هن وڌيڪ چيو ته دادو جي ٻوڏ متاثرن ۾ 150 خيما، 150 راشن جا ٿيلها، 500 مڇر??ان??ون ۽ دوائون ورهايون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ به 160 خيما ۽ هڪ هزار مڇر??ان??ون ۽ 5 سئو راشن جا ٿيلها ورهايا ويا آهن ان کانسواءِ مريضن لاءِ قائم ڪيل ميڊيڪل ڪيمپن ۾ اڍ??ئي مريضن کي دوائون ڏيڻ سان گڏوگڏ مڇر مار اسپري ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي پڻ فراهم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سياري جي مند اچڻ جي ڪري ٻوڏ متاثرن جي ڏکيائين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ان تي ضابطو آڻڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي متاثرن جي بحالي جو ڪم تيز ڪيو وڃي، هن چيو ته اسان ذات، پات، مذهب ۽ ثقافت کان هٽي ڪري انسانيت جي خدمت تي يقين رکون ٿا. ان موقعي تي سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير لياقت جتوئي، واپاري ۽ سم??جي برادري سميت ٻيا پڻ موجود هئا.