اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) افغانستان جي گادي واري شهر ڪا??ل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپائونڊ تي جمعي ڏينهن حمل?? ٿيو جنهن ۾ پاڪستان جي هيڊ آ?? مشن عبيدالرحمان نظاماڻي کي نشانو بڻايو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپائونڊ ۾ ٿيندڙ حملي ۾ هيڊ آ?? مشن محفوظ رهيو. ترجمان موجب جڏهن ت?? هڪ پاڪستاني سيڪيورٽي گارڊ سپاهي اسرار محمد هيڊ آ?? مشن جي حفاظت ڪندي حملي ۾ شديد زخمي ٿيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت ڪا??ل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هيڊ آ?? مشن ت?? قاتلاڻي حملي ۽ سفارتخاني جي ڪمپائونڊ تي حملي جي شديد مذمت ڪري ٿي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته افغانستان جي عبوري حڪومت فوري طور تي ان حملي جي مڪمل جاچ، جوابدارن کي پڪڙڻ، انهن جو محسابو ڪرڻ ۽ افغانستان ۾ پاڪستاني سفارتي عملي ۽ شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي.