اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته محمد نواز شريف جي سڄ?? ملڪ کي موٽرويز سان ڳنڍڻ واري خواب جي تڪميل جو اڄ اهم ڏينهن آهي، 306 ڪلوميٽر ڊگهي سکر – حيدرآباد موٽروي ايم – 06 جي پيڙهه جي پٿر بعد پشاور ڪراچي موٽروي (پي ڪي ايم) جي آخري حصي جي تعمير بعد پاڪستان جا سمورا وڏا ۽ اهم شهر موٽرويز سان ڳنڍجي ويندا. اڱاري ڏينهن پنهنجي بيا?? ۾ ??ن چيو ته سرڪاري ۽ نجي شراڪتداري سان ايم -06 کي تعمير ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم – 06 کي 30 مهينن جي مختصر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته منصوبي جي تڪميل سان سڄ?? ملڪ جي عوام کي جديد، آرامده ۽ تيز ترين سفري سهولت ملندي. ان کان علاوه ان موٽروي جي تعمير سان و??پا??ي برادري کي پنهنجي سامان جي منتقلي ۾ پڻ آساني ٿيندي ۽ وقت جي بچت ٿيندي، ان کان علاوه حادثن کان بچڻ کان علاوه جي ٽي روڊ تي ٽريفڪ جي دٻاءَ ۾ به گهٽتائي ايندي، وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته بهترين شاهراهن جي تعمير سان ترقي جي قومي رفتار ۾ اضافو ٿيندو جنهن سان پاڪستان جي معيشت تي هاڪاري اثر پوندا. منصوبي جي تڪميل سان ملڪ ۾ و??پا??ي سرگرميون تيز ٿينديون، و??پا??ين، ص??عت??ارن ۽ هارين کي پنهنجي مصنوعات جي ترسيل ۾ آساني ٿيندي.