اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سکر – حيدرآباد موٽروي جو پ??ڙهه جو پ??ر رکڻ لاءِ سکر پهچي و??و. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق سکر هوائي اڏي تي آبي وسيلن واري و??اقي وزير سي?? خورشيد احمد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير سي?? مراد علي شاهه وزيراعظم ۽ ساڻس گڏ آيل ??فد جو استقبال ڪيو. وزيراعظم پهريان سکر ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم سکر ۽ حيدرآباد ۾ 306 ڪلوميٽر ڊگهي سکر – حيدرآباد موٽر وي ايم – 06 جو پ??ڙهه جو پ??ر رکندو. سکر – حيدرآباد موٽر وي پشاور ڪراچي موٽر وي ( پي ڪي ايم) جو آخري حصو آهي جنهن بعد پاڪستان جا سمورا وڏا ۽ اهم شهر موٽر ويز سان گنڍجي ويندا. ڄاڻايل ??نصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 30 مهينن جي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.