اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اعلان موجب پا??ستان جي پهرين ريسڪيو ۽ ريليف ٽيمون ترڪيءَ پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب پا?? فوج جي اربن سرچ اينڊ ريسڪيو (يو ايس اي آر) جي 33 رڪني دستي تي ٻڌل سي 130 اڄ ترڪيءَ جي شهر ادانه پهچي ويو آهي. بيان موجب ترڪ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي اي ايف اي ڊي سان گڏجي ٽيمن کي فوري طور تي متاثر علائقن ۾ روان?? ڪيو پيو وڃي. پا??ست??ن يو ايس اي آر ٽيمون ۽ امدادي سامان جي مقرري سان گڏ پنهنجو بچاءُ ۽ امدادي سرگرميون جاري رکنديون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پا??ستاني قوم آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ترڪ ڀائرن س??ن يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي.