اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن فيصل ال??ان?? ملاقات ڪئي. وز??را??ظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قطر جي سفير قطر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ مختلف سرگرمين کان آگاهه ڪيو. وز??را??ظم محمد شهباز شريف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل قدرن تي ٻڌل ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجايو. هن انهن مضبوط لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن يج گڏيل عزم جو ذڪر ڪيو. وز??را??ظم 2022ع ۾ تاريخي ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستاني عوام جي انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد تي قطر جا ٿورا مڃيا. قطري سفير ڀائراڻن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي وز??را??ظم جا ٿورا مڃيا ۽ ان سلسلي ۾ قطر پاران تعاون جي خاطري ڪرائي. واضح رهي ته قطر اٽڪل 250000 پاڪستانين جي ميزباني ڪري ٿو جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن ساڪل پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ??يڻ جي 50 هين سالگرهه آهي. ٻئي ملڪ ??ن سالگرهه کي بهترين انداز ۾ ملهائڻ جي لاءِ پرعزم آهن.