اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وفاقي حڪومت اخبارن ۽ رسالن کي هدايت ڪئي آهي ته قرآن پاڪ جي تعظيم کي سختي سان ممڪن بڻايو وڃ??، قرآن حڪيم جي ڪ??هن نسخي يا اقتباس جي ڄاڻي واڻي بي حرمتي جي سزا عمر قيد آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پبليڪيشنز کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته اخبارن ۾ شايع ٿيڻ کانپوءِ قرآني آيتن ۽ ا??هن جي ترجمن جي بي حرمتي ٿئي ٿي جيڪا انت??ائ?? افسوسناڪ ڳالهه آهي ۽ اهو عمل قرآن مجيد جي بي حرمتي بابت ڏوهن بابت موجود قانونن جي خلاف ورزي به آهي. پاڪستان پينل ڪوڊ 295 پي ڪي شق XV جو حوالو ڏيندي خط ۾ چيو ويو آهي ته قرآن پاڪ جي نسخي يا ان جي ڪ??هن به اقتباس جي ڄاڻي واڻي بي حرمتي ڪرڻ يا ان کي ڪ??هن توهين آميز طريقي يا ڪ??هن غيرقانوني مقصد جي لاءِ استعمال ڪرڻ ڏوهه آهي ج??هن جي سزا عمر قيد آهي. اطلاعات واري وزارت اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي درخواست ڪئي آهي ته اخبارن ۽ رسالن ۾ قرآن پاڪ ۽ حديث نبوي ﷺجي حرمت، مقدس هستين جي اسمن ۽ مقدس جاين جي تصويرن جي تحفظ جي حوالي سان رهنما اصولي جاري ڪيا وڃن ج??هن جي جواب ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جيڪو هڪ آئيني اداري هجڻ سان گڏ حڪومت ۽ پارليامينٽ کي اسلامي مسئلن تي قانوني مشورو ڏيڻ جو ذميوار ادارو آهي، دليل ڏني آهي ته اشتهارن ۾ قرآني آيتن ۽ مقدس نالن کي شايع ڪرڻ ۾ ڪ?? حرج نه آهي ڇو ته ان جو مقصد عوام تائين معلومات کي پهچائڻ آهي. اسلامي نظرياتي حڪومت تي زور ڏنو ته اها اخبارن ۽ اشتهارن ۾ شايع ٿيندڙ مقدس مواد جي تعظيم کي يقيني بڻائي ۽ عوام کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي، ان ڏس ۾ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي (اي پي اين ايس)، ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن سان اجلاس منعقد ڪيا ته جيئن ميڊيا نمائندن کي ان حوالي سان آگاهه ڪري سگهجي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي رهنما اصولن کي نظر ۾ رکندي اطلاعات واري وزارت سمورين اخبارن ۽ رسالن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي اخبارن ۽ رسالن ۾ مقدس صحيفن ۽ مقدس مواد جي تحفظ ۽ احترام کي يقيني بڻائين.