اسلام آباد – 30 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ( اين ??ي ايم اي) جي چيئرمين کي سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جي ??رس??تن سبب پيدا ٿيندڙ ??ور??حال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ٽيليفون تي اين ??ي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ کي ??رس??تن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ، صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ڊپارٽمينٽس، آزاد ڪشمير اس??يٽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ گلگت بلتستان ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سان رابطو وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۽ ??رس??تن ۽ لينڊ سلائيڊنگ کان متاثر رستن کي بحال ڪرڻ جي حوالي سان تيز ترين قدمن جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته متاثر علائقن ۾ علاج جي سمورين سهولتن ۽ امدادي سامان سميت دوائن ۽ ٻين ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم سانوڻي جي ??رس??تن ۽ ان ڏس ۾ پيدا ٿيندڙ ٻوڏ واري ??ور??حال جي نتيجي ۾ ٿيندڙ فوتگين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿيندڙن جي بلند درجن جي لاءِ دعا ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ??رس??تن سبب حادثن ۾ زخمي ٿيندڙن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.