اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي قوم ??يو آهي ته قوم دهشتگردي خلاف جنگ دوران شه??دن جي عظيم قربانين جو قرض ادا نٿي ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دهشتگردي سبب متاثرن جي ياد ۽ کين خراج عق??دت پيش ڪرڻ جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن ??يو ته آخري دهشتگرد جو خاتمو ڪري شه??دن ??ي رت جو قرض لاهينداسين. هن ??يو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿيل قوم جا محسن آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هر طبقي قربانيون ڏنيون آهن، پاڪ فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن پنهن??ي رت سان امن قائم ڪيو آهي. هن ??يو ته تاريخ عالم پاڪستان جي لازوال قربانين جي ڪنهن ٻئي مثال ڏيڻ کان قاصر آهي، پاڪستان دهشتگردي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي. وفاقي گهرو وزير ??يو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هزارين ماڻهو شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن، حڪومت ۽ قوم شه??دن جي بهادر خاندانن سان گڏ بيٺل آهي. هن ??يو ته شه??دن سان انهن جي ڪٽنبن کي شاندار لفظن ۾ خراج عق??دت پيش ٿيون ٿا. اڄ اسان هڪ قوم جي حيثيت سان دهشتگردي سبب متاثرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. هن ??يو ته پاڪستاني قوم پختي عزم ۽ حوصلي سان دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏنو آهي، اڄ اسان ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين ۽ اسان جو مستقبل وڌيڪ پرامن ۽ محفوظ هوندو.