اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) ناڻ?? واري وزارت اقتصادي ۽ مالياتي سڌارن لاءِ ناڻ?? واري وزير جو صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻ?? واري وزارت موجب صلاحڪار اقتصادي ۽ مالياتي سڌارن جي عهدي ت?? مقرريءَ جو خواهشمند اميدوارن کان 9 سيپٽمبر تائين درخواستون طلب ڪيون ويون آهن. اميدوارن کي عهدي لاءِ نيشنل جاپ پورٽل ذريعي آن لائن درخواست ڏيڻي ??وندي. ڪامياب اميدوار کي اسپيشل پروفيش??ل پي اسڪيل ون جي برابر پگهار ڏني ويندي. اڪنامڪ اينڊ فنانشل ريفارمز يونٽ ۾ مقرري جي مدت 2 سال مقرر ڪئي وئي آهي. صلاحڪار لاءِ گهٽ ۾ گهٽ تعليمي قابليت فنانس، اڪنامڪس يا لاڳاپيل فيلڊ ۾ ماسٽر ڊگري مقرر ڪئي وئي آهي. شارٽ لسٽڊ اميدوارن کي طئي ٿيل قاعدن موجب انٽرويو لاءِ گُهرايو ويندو. ٻن سالن جي ڪانٽريڪٽ ملازمت ڪندڙ صلاحڪار کي ڪارڪردگيءَ جي بنياد ت?? واڌ ملي سگهي ٿي.