اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير ??روفيسر احسن اقبال چيو آهي ته بلوچستان ۾ عوام کي رياست خلاف اُڪسائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، پاڪستان جاگرافيائي طور تي تاريخي ۽ عظيم طاقتن جي سنگم تي واقع آهي، بلوچستان جو مقام تمام اهم آهي، برطانوي دؤر ۾ هي خطو وڏين طاقتن جي اکين ۾ چڀندو رهيو آهي، رياست پاڪستان جو حصو هئڻ سبب بلوچستان ۾ سازشون هر ڀيري ناڪام ٿيون، ڪوڙن نعرن ??ان بلوچستان جي نوجوانن کي ڀڙڪائڻ وارا پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا، بلوچستان پاڪستان جو فخر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پاڪ چائينا فرينڊشپ سينٽر جي انتظام هيٺ ”مير ??زار خان مري (مزاحمت کان مفاهمت تائين“ جي عنوان ??ان عمار مسعود جي لکيل ڪتاب جي مهورت واري تقريب کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته بلوچستان جي بهادر ??ُٽ جي زندگي کي ڪتابي شڪل ڏني وئي آهي، جنهن جي زندگي مسلسل جدوجهد ??ان ڀريل آهي. وفاقي وزير چيو ته بلوچستان جي عوام کي رياست خلاف اُڪسائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي پر مير ??زار خان مري انهن سازشن ??ي سمجهيو ۽ مفاهمت ۽ يڪجهتي جي راهه تي هليو. وفاقي وزير ??ڪ حديث جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ملڪ امانت آهي. حديث ۾ فرمايو ويو آهي ته اوڀر ۾ اسلام جي طاقت جو اظهار ٿيندو، ان ئي سبب ا??ان جو ملڪ دشمنن جي اکين ۾ چڀي ٿو. هن چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي گرفتاري کانپوءِ ڪو شڪ ناهي رهيو ته بلوچستان ۾ حالتون خراب ڪرڻ جو ڪير خواهشمند آهي. احسن اقبال چيو ته هن وقت ملڪ جي ٻين صوبن ۽ پنجاب جي ڀيٽ ۾ به سڀ کان وڌيڪ 130 ارب رپيا ترقياتي فنڊز بلوچستان ڏانهن وڃي رهيا آهن، ا??ان ترقيءَ لاءِ جامع قدم کڻي رهيا آهيون. احسن اقبال سوال ڪيو ته بلوچستان ۾ ترقيءَ لاءِ جانيون قربان ڪندڙ يا ان کي ماريندڙ بلوچستان جا دوست ۽ همدرد آهن؟ اهي همدرد نه پر بدامنيءَ ذريعي صوبي کي پويان رکڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ترقيءَ جو دارومدار امن امان، تعليم ۽ آ??ان رابطن ۾ آهي، جيڪي ماڻهو به صوبي ۾ تڪرار، تشدد ۽ مزاحمت اختيار ڪن ٿا اهي بلوچستان جا دوست ناهن. وفاقي وزير چيو ته عمار مسعود ڪتاب لکي هڪ اهم فرض سرانجام ڏنو آهي. هن تجويز پيش ڪئي ته ان ڪتاب جو بلوچي زبان ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي ته جيئن بلوچ نوجوانن کي حقيقتن کان آگاهه ڪري سگهجي. احسن اقبال تجويز پيش ڪئي ته سڌ سماءَ واري وزارت ان ڪتاب تي فلم ٺاهڻ لاءِ به قدم کڻي ته جيئن ماڻهن کي آگاهي فراهم ڪري سگهجي.