اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ گذريل رات پيش ايندڙ المناڪ واقعي جي پرزور مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 2 چيني شهري مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿيو. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيرا??ظم چيو ته کيس ??ذريل رات ڪراچي ۾ ان ڪڌي واقعي تي گهرو صدمو پهتو آهي. اسان ??ن واقعي جي پرزور مذمت ڪريون ٿا ۽ چيني قيادت، چيني عوام ۽ فوت ٿيندڙن جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. هن زخمي چيني شهري جي جلد صحتيابي جي به دعا ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته ??ن واقعي ۾ ملوث شرپسند پاڪستاني نه ٿا ٿي سگهن پر اهي پاڪستان جا دشمن آهن. ان ۾ ملوث عنصرن جي نشاندهي جي ل??ءِ جاچ جاري آهي ته جيئن انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي چيني دوستن جي تحفظ جي ل??ءِ پرعزم آهي. اسان انهن جي سلامتي ۽ حفاظت جي ل??ءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين.