دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٻن ڏينهن جي قطر جي دوري دوران اڄ خميس ڏينهن مصروف ڏينهن گذاريندو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري تفصيل موجب قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني سان ملاق??ت ڪندو. و??ير??عظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. هو قطر جي و??ير??عظم محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني سان ملاقات پڻ ڪندو. و??ير??عظم سان قطر بزنس مين ايسوسيئيشن جو وفد پڻ ملاق??ت ڪندو. ٻئي طرف و??ير??عظم قطر ميوزيم ۾ ”منظر آرٽ ايگزيبيشن: 1940ع کان هيستائين پاڪستان ۾ آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر“ جو افتتاح ڪندو. و??ير??عظم جي قطر جي دوري ۾ وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب ۽ عطاءُ ا??له تارڙ گڏ آهن.