اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پا??ستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ خرم دستگير خان چيو آهي ته پا??ستان جي شنگهائي تعاون تنظيم ۾ شموليت ملڪ کي هڪ اهڙو پليٽ فارم فراهم ڪري ٿي جتي هو علائقائي استحڪام ۽ تعاون لاءِ اهم آ??ي، ايس سي او ذريعي پا??ستان دنيا کي اهو پيغام ڏئي سگهي ٿو ته هو پرامن حل ۽ سفارتڪاري ذريعي چئلينجن کي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايس سي او ۾ فع??ل ڪردار ادا ڪندي پا??ستان خطي ۾ کليل رابطن، اقتصادي تعاون ۽ گڏيل سلامتي جي قدمن کي هٿي ڏئي سگهي ٿو. تنظيم جو ميمبر هجڻ جي ناطي پا??ستان نه رڳو پنهنجي پاليسين کي اجاگر ڪري سگهي ٿو پر خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي به بهتر طريقي سان پيش ڪري سگهي ٿو. دستگير خان چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) پا??ستان لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي جتي هو پرامن ڳالهين ۾ شامل ٿي سگهي ٿو ۽ تڪرارن کي سفارتي ذريعن سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو. هن ان ڳاهه تي زور ڀريو ته ايس سي او ملڪن کي گڏجڻ، پنهنجي اختلافن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ ۽ علائقائي استحڪام ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته ايس سي او هڪ مضبوط ۽ باثر پليٽ فارم طور اڀريو آ??ي، جنهن نه رڳو خطي پر اولهندي ملڪن جو ڌيان به پا?? ڏانهن ڇڪرايو آهي. اها تنظيم عالمي منظرنامي ۾ پنهنجي اهميت ۽ اثر رسوخ کي مسلسل وڌائي رهي آ??ي، جيڪا مختلف ملڪن کي گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته ايس سي او ميمبر ملڪن کي گڏيل قدمن ذريعي انهن چئلينجن جو موثر جواب ڏين جو موقعو فراهم ڪري ٿي. چين پا??ستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو ذڪر ڪندي چيو ته اهو منصوبو علائقائي رابطن کي وڌائڻ، اقتصادي حصيداري کي هٿي ڏيڻ ۽ خطي ۾ استحڪام قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن وزيراعظم شهباز شريف جي اڻٿڪ سفارتي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته هن پا??ستان جي عالمي ساک کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.