اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته
اڱاري ڏينه?? جي صبح ڪراچي ۾ نجي گارڊ سان جهيڙي کانپوءِ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه چيني شهري زخمي ٿيا، زخمين کي فو??ي طور تي اسپتال آندو ويو ۽ اهي علاج هيٺ آهن، اسان زخمي?? جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪريون ٿا ۽ انه?? جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب واقعي جي جاچ جاري آهي، پاڪستان ذميوار ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزارت، گهرو وزارت ۽ اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني سان ويجهي رابطي ۾ آهيون. پرڏيهي آفيس جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين ويجها حصيدار ۽ م??بو?? ڀائر آه?? جيڪي گڏيل احترام ۽ گڏيل تقدير جي ٻنڌڻن ۾ متحد آهن. پاڪستان چيني شهرين، منصوبن ۽ پاڪستان ۾ ادا??ن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.