اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) سيپٽمبر جي ماهوار فيول چارجز ايڊ??سٽ??ينٽ جي مد ۾ 1.28 رپيا في يونٽ گهٽتائيءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه نيپرا مان جاري پڌرائيءَ مطابق سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي جي)، ايف سي اي جي مد ۾ 71 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي درخواست جمع ڪرائي هئي. نيپرا ان درخواست تي 30 آڪٽوبر تي عوامي ٻُڌڻي ڪئي. ان کان اڳ آگسٽ جي فيول چارجز ايڊ??سٽ??ينٽ 86 پئسا في يونٽ گهٽتائي سان چارج ڪئي وئي هئي. پڌرائيءَ مطابق سيپٽمبر جو ايف سي اي آگسٽ جي ڀيٽ صارفين کان ??ڌي?? 42 پئسا في يونٽ گهٽ چارج ڪيو ويندو، ان جو ڊسڪوز جي سمورن صارفين سواءِ لائف لائن، پري پيڊ صارف ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجن?? اسٽيشننز تي لاڳو ٿيندو جڏهن ته پڌرائيءَ مطابق اهو ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي لاڳو نه هوندو.