اسلام آباد-22 نومبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي و??ير خواجه محمد آصف بشريٰ بي بي جي الزامن کي پاڪ سعودي عرب لاڳاپن تي ڪاري ضرب قرار ڏيندي چيو آهي ته سعودي عرب سان لاڳاپن کي سياست جي و?? چاڙهڻ افسوسناڪ آهي، ڪالهه لاڳاپا خراب ڪرڻ جي نهايت مڪروه ۽ غليظ قسم جي ڪوشش ڪئي و??ي، اهي ماڻهو پاڻ کي مذهب جو ٺيڪيدار سمجهن ٿا، بشريٰ بي بي پنهنجو پاڻ کي شريعت چ??ي رهي آهي، جيڪڏهن هو شريعت آهي ته الله ئي حافظ آهي اسان جو، ??ي ٽي آءِ ۾ ڪو به ??ي ٽي آءِ جي باني جي آزادي لاءِ سنجيده ناهي، عدالتي فيصلي تي ??ي ٽي آءِ جو بار بار اسلام آباد تي حملي جي معمول جو خاتمو يقيني بڻائينداسين، ??ي ٽي آءِ باني سان سڌي ريت ڪو به رابطو يا ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، خيبرپختونخوا جي وڏي و??ير علي ا??ين گنڊاپور سان اسٽيبلشمينٽ جو رابطو آهي، جنرل باجوده کي گه??جي ته هو پاڻ انهن الزامن جي ترديد ڪري. هو ڪالهه ??ي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. خواجه آصف چيو ته سعودي عرب سان اسان جا تاريخي لاڳاپا آهن، اتي 28 لک پاڪستاني روزگار ڪمائي رهيا آهن، بشريٰ بي بي جا الزام شرمناڪ آهن، سياست بچائڻ لاءِ دوست ملڪ تي الزام لڳائڻ انتهائي ڪريل حرڪت آهي، بشريٰ بي بي تڪراري بيان سياست جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچائڻ لاءِ ڏنو. ??ي ٽي آءِ قيادت طرفان مذهبي ڏيوالپڻي جو به مظاهرو ڪيو ويو. هن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ عورتن وچ ۾ جهيڙو هلي رهيو آهي، اهو سمورو جهيڙو سياسي پارٽي جي و??رثي لاءِ ٿي رهيو آهي، ڀاڄائي ۽ نڻانن وچ ۾ وراثت جي ويڙهه ۾ 3 عورتون هڪ طرف ۽ بشريٰ بي بي ٻي طرف آهي، آزادي کانپوءِ بشريٰ بي بي جو پشاور وڃڻ، ان مان ظاهر لڳي ٿو ته سياسي و??رث هو بڻجي رهي آهي. ملڪي سياست ۾ ڏيوالپڻو ڏٺو ويو آهي پر اهڙي ڏيوالپڻو نه ڏٺو جهڙي سياسي و??اثت جي دعويٰ بشريٰ بي بي ڪئي آهي. هن چيو ته هڪ معتبر صحافي ذريعي اڳوڻي آرمي چيف جو بيان اچي چڪو آهي، الزامن جي سنجيدگي کي ڏسندي قمر جاويد باجوه کي ذاتي طور پاڻ اچي ان جي ترديد ڪرڻ گه??جي، ان جو چوڻ هو ته جنهن ملڪ خلاف بيان ڏنو آهي، اتان واچ وٺي انهن ڪاروبار ڪيو، ايپڪس ڪميٽي ۾ علي ا??ين گنڊاپور چيو ته توشاخانه مان سڀني تحفا ورتا، منهنجي ليڊر ورتو به ڇا ٿيو، فرق اهو آهي ته هن تحفو ورتو، ان کي وڪرو ڪيو، معمولي رقم جمع ڪرائي ۽ باقي رقم پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏي، ان خلاف الزام اهو آهي. خواجه آصف چيو ته هي ڀٽو ۽ نواز شريف جي خاندان کي گاريون ڏين ٿا ته خانداني سياست ٿي رهي آهي، هتي خانداني سياست کانسواءِ ڏوهٽن ۾ ويڙهه ٿي رهي آهي، هي خانداني سياست جي انتها آهي. هن چيو ته جهڙي طرح هن پنهنجي مشهوري شروع ڪئي آهي ان جو اوهان کي ايندڙ ڏينهن ۾ پتو پئجي ويندو ته اهو اٺ ڪهڙي پاسي ويهي ٿو. هن جو چوڻ هو ته علي ا??ين گنڊاپور روزاني اسلام آباد ۽ پنجاب تي حملي آور ٿي رهيو آهي، 24 نومبر تي ان جو اسلام آباد تي ٽيون حملو ٿيندو، خيبرپختونخوا دهشتگردي جو شڪار آهي، دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ خيبرپختونخوا ۾ ڪي به قدم نه کنيا ويا. اهي ماڻهو ملڪي پرڏيهي پاليسي تي حملو ڪن ٿا، ڪاش اهي ڪو حملو دهشتگردي تي به ڪن. خواجه آصف دعويٰ ڪئي ته تحريڪ انصاف جي قيادت نٿي چاهي ته ??ي ٽي آءِ جو باني آزاد ٿئي، ??ي ٽي آءِ باني آزاد ٿيو ته پارٽي اڳواڻن جو دڪان نه هلندو. بچاءُ واري و??ير چيو ته اسان جو تحريڪ انصاف سان ڪنهن به قسم جو رابطو ناهي، خواجه آصف جو چوڻ هو ته سعودي عرب کان واچ وٺي هن ڪاروبار ڪيو، علي ا??ين گنڊاپور چيو ته منهنجي ليڊر تحفو ورتو ته ڪهڙو گناهه ٿيو؟ علي ا??ين گنڊاپور کان وڌيڪ ڪير به نٿو ڄاڻي ته بشريٰ بي بي جي آڊيو به موجود آهي جنهن ۾ هو ماڻهن کي دڙڪا ڏئي رهي آهي ۽ نوڪرين مان ڪڍڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. دفاع واري و??ير چيو ته تحريڪ انصاف جي احتجاج بابت عدالتي فيصلي کي پوري قوت سان لاڳو ڪنداسين.هن چيو ته گذريل ڏينهن خيبرپختونخوا ۾ رتوڇاڻ ٿي آهي، وڏي و??ير هر چوٿين ڏينهن وفاق ۽ پنجاب تي ڪاهه ڪرڻ وڃي ٿو، خيبرپختونخوا حڪومت دهشتگردي خلاف هن وقت ڇا ڪيو آهي؟.