اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بيلاروس جي پ??ڏيهي وزير ميڪسم رائزنڪوف پرڏيهي آف??س ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ بيلاروس جي پ??ڏيهي وزير ميڪسم رائزنڪوف ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن ۽ صدر لوڪاشينڪو جي پ??ڪستان جي دوري جي ايجنڊا ۽ پروگرام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن پاڪستان بيلاروس لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ گڏيل لاڀائتي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ ٻطرفي مٽاسٽا ۽ اعليٰ سطح جي دورن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته صدر لوڪاشينڪو جي دوري سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي. هن وچ اوڀر جي صورتحال سميت اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن تڪرارن جي پ??امن حل جي لاءِ پنهنجي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ غزه ۾ انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٺوس موقف جي ضرورت تي زور ڏنو. ه?? ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي دوري جي ايجنڊا ۽ پروگرام کي حتمي شڪل ڏيندا جيڪ?? اڄ پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پهچندو.