ڪراچي -26 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ شاهراه سرينگر تي رينجرز اهلڪارن تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پارا?? جاري بيان مطابق پي پي پي چيئرمين چيو آهي، ته امن و امان جي قيام لاءِ اسلام آباد ۾ موجود ??ول??س ۽ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ کليل دهشتگردي آهي. هن مطالبو ڪيو ته اسلام آباد ۾ رينجرز ۽ ??ول??س تي حملن ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ شهادت جو مرتبو ماڻيندڙ رينجرز ۽ ??ول??س اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو قوم جا بهادر پٽ هئا. هن شهيد اهلڪارن جي خاندانن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ انهن لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي. هن زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي. هن چيوته ڪنهن جي به پرامن احتجا?? جي حق، شرپسندي ۽ دهشتگردي بابت پيپلز پارٽي جو موقف واضح آهي.