لاهور – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي چيو آهي ته ملازمن جي ڀلائي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. اي پي پي لاهور بيورو ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملازمن جي ڀلائي سندس اولين ترجيح آهي ۽ هو ملازمن سان لاڳاپيل معاملن جي لاءِ اوپن ڊور پالي??ي تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته اي پي پي جا ملازم اداري جو اثاثو آهن، هن ملازمن تي زور ڀريو ته اهي اداري جي ترقي لاءِ محنت ڪن.
ايم ڊي محمد عاصم کچي وڌيڪ چيو ته اي پي پي ۾ ڪرپشن جي خلاف زيرو ٽالرنس پالي??ي تي عمل ڪيو پيو وڃي. ڪرپٽ عنصرن جو خاتمو ضروري آهي. ملازمن جي سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته ملازمن جي ميڊيڪل بلز کي ترجيحي بنيادن تي ڪليئر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سمورين اي پي پي اسٽيشنز تي ضروري سام??ن ۽ شيون فوري ۽ ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪيون پيون وڃن. اي پي پي ايمپلائيز يونين پنجاب جي چيئرمين ۽ اردو نيوز سروس جي انچارج ۽ چيف رپورٽر محمد عبدالله مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي ??ي قيادت تي پختي اعتماد جو اظهار ڪيو. هن اداري جي سربراهه جي طور تي ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ تي ايم ڊي محمد عاصم کچي ??ا ٿورا مڃيا ۽ اردو نيوز سروس لاهور بابت بريفنگ ڏني. ان مو??عي تي ايم ڊي اي پي پي نيوز روم، وڊيو نيوز سروس ۽ رپورٽنگ روم جو پڻ دورو ڪيو ۽ اي پي پي جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ اي پي پي ايمپلائيز يونين پنجاب جي صدر راڻا عبدالرحمان قومي خابرو ايجنسي جي ملازمن پاران ايم ڊي محمد عاصم کچي ??و گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ کيس يقين ڏياريو ته ملازم سندس اميدن تي پورو لهندا. هن ملازمن جا مسئلا تيزي سان حل ڪرڻ تي ايم ڊي محمد عاصم کچي ??ا ٿورا پڻ ادا ڪيا.