اسلام آباد-21 ڊسمبر (اي پي پي) نجڪاري، سيڙپڪ??ري بورڊ ۽ مواصلات
وا??ي وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته يورپ لاءِ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر
لائين(پي آءِ اي) جي اڏامن جي شروعات سٺي ڳالهه آهي، هي فلائيٽ آپريشن هن
اد??ري جي نجڪ??ري لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي، انشاءُ الله جلد ئي پي آءِ اي کي
برطانيه ۽ آمريڪا ۾ به آپريشنل ڪرڻ جي خوشخبري ملندي، پي آءِ اي جي
نجڪ??ري جي هن وقت تائين جي اڳڀرائي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته هاڻي
ماڻهن کي يقين ٿي ويو آهي ته هو يورپ لاءِ پي آءِ اي ۾ سفر ڪري سگهندا.
وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته انشاءُ الله جلد ئي پي آءِ اي کي برطانيه ۽
آمريڪا ۾ به آپريشنل ڪرڻ جي خوشخبري ملندي. وفاقي وزير چيو ته پي آءِ
اي جي نجڪ??ري ۾ ايندڙ مسئلا ختم ٿي چڪا آهن، هاڻي تيزي سان مرحلا طئي
ٿيندا. هن چيو ته پي آءِ اي جي وڪري لاءِ آءِ ايم ايف ٻن اهم اشوز کي منظور
ڪري ورتو آهي، نون جهازن جي خريد??ري تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ختم
??يو ويو آهي. هن چيو ته پي آءِ اي جي سمورن نقصانن کي هولڊنگ ڪمپني ۾
منتقل ڪنداسين، پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز کي ڪنهن به پراڻي بقايائن جي
رقم جي ادائيگي کانسواءِ وڪرو ڪنداسين. عبدالعليم خان چيو ته انهن سڌارن
کانپوءِ انويسٽرز لاءِ پي آءِ اي جي خريد??ري وڌيڪ پرڪشش ٿي ويندي، پي آءِ
اي جي پرائيويٽائيزيشن ل??ءِ معاملا تيزي سان اڪلايا پيا وڃن، جلد خوشخبري
ملندي.