اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو ??عا??لن جي وفاقي وزير محسن نقوي سان تحريڪ انصاف پارليمنٽيرين جي با??ي پرويز خٽڪ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي ??عا??لن، ملڪ جي مجموعي صورتحال سميت ٻين گڏيل دلچسپي جي ??عا??لن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرويز خٽڪ اسلام آباد ۾ احتجاج دوران شرپسندن جي حملي ۾ شهيد پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. گهرو وزارت جي ترجمان ??طا??ق ملاقات ۾ خيبرپختونخوا ۾ امن امان قائم ڪرڻ بابت قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان جي ترقي ۾ رڪاوٽون وجهندڙ عنصرن جو ڀرپور مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گهرو وزير چيو ته پاڪستان اسان سڀني جو آهي ۽ سڀني کي گڏجي ان کي اڳتي کڻي وڃڻو آهي، عوام رڳو پنهنجن مسئلن جو حل چاهي ٿو. هن ??يو ته پاڪستان جو مستقبل شاندار آهي، دنيا جي ڪا طاقت ترقي کان روڪي نٿي سگهي.