اسلام آباد – 26 جول??ءِ (اي پي پي) موجوده حڪومت تعميراتي شعبي ۾ تاريخي پئڪيج ڏنو آهي جنهن سان نه رڳو گهٽ آمدني وا??ن ماڻهن کي پنهنجو گهر ٺاهڻ جو ??واب پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر ملڪ ۾ تعميرات ۽ ??ن سان واڳيل صنعتن جي فروغ سان معيشت جو ڦيٿو هلندو ۽ لکين ماڻهن جي ل??ءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفيس پار??ن سوشل ميڊيا تي جاري پيغام موجب وزيراعظم عمران خان پاران اعلان ڪيل تاريخي تعميراتي پئڪيج جو مقصد گهٽ آمدني وا??ن ماڻهن جي ل??ءِ ڇت حاصل ڪرڻ آسان بڻائڻ آهي. ان مقصد جي ل??ءِ 5 مرلي جي گهر تي رڳو 5 سيڪڙو مارڪ اپ، 10 مرلي جي گهر تي رڳو 7 سيڪڙو مارڪ اپ ورتو ويندو. جڏهن ته بئنڪن پاران 130 ارب رپيا تعميراتي شعبي جي ل??ءِ رکيا ويا آهن. تعميراتي پئڪيج سان نه رڳو عام ماڻهو کي گهر ٺاهڻ ۾ سهولت ملندي پر ملڪ ۾ ڪيترين ئي صنعتن جو ڦيٿو پڻ هلندو جنهن سان روزگار جا ڪيترائي موقعا پيدا ٿيندا. ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقي جو وڏو انگ اهڙو آهي جنهن جو ??ارومدار تعميراتي شعبي سان واڳيل آهي.