اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? سينيٽر شبلي فراز حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي مهم ۾ شريڪ ڪابينا ميمبرن ۽ ان پيغام ۾ عوام تائين پهچائيندڙ اطلاعات واري وز??رت ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ٿوري جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جي جدوجهد جاري رهندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته حڪومت جي ٻه سالا ڪارڪردگي اجاگر ڪرڻ جي مهم جو حصو بڻجندڙ ڪابينا جي ميمب??ن جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان، اطلاعات واري وزير چيو ته حڪومتي ڪارڪردگي جو پيغام عوام تائين پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي اطلاعات واري وز??رت ۽ ميڊيا جو به ٿورو ادا ڪريان ٿو.