اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سسٽم جي ڪري ٽيلينٽ مٿي نٿو اچي، ڪرڪيٽ جي موجوده نظام کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي، مقابلي جي فضا ۾ بهترين ٽيلينٽ سامهون ايندو آهي، نوجوان رانديگرن کي مٿي اچڻ جي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن، اسان ٽيلينٽ کي اڳتي آڻڻ واري سسٽم ?? ڪرڪيٽ جي ڍانچي کي ٺيڪ ڪري وٺون ته پاڪستان ناقابل شڪست بڻجي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽي??ي ويزن ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ نشرياتي حقن جي حوالي سان معاهدي تي صحيحن ??ي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.