اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران ??ان ??ي ويزن جي روشني ۾ پنهنجي ثقافت جي ذريعي تشخص کي محفوظ بڻائينداسين، اي ڪامرس جي ذريعي گهرن ۾ ٺاهيل شيون پوري دنيا تائين پهچ??ئي سگهجن ٿيون، ان ??ان گهريلو صنعت ۽ ثقافت به زنده رهندي آهي، ڪاروبار بهتر، قومي شناخت ۽ سياحت فروغ وٺندي آهي، ملڪ ۽ قوم جي سڃاڻپ ثقافت سان ٿيندي آهي، اهي قومون جنهن جي ثقافت ناهي هوندي انهن جي تشخص کي نقصان پهچندو آهي. لوڪ ورثه ميلي جي حوالي سان ??قريب دوران ميڊيا سان ڳاله??ئي رهيو هو، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته لوڪ ورثه زبردست ميلو ترتيب ڏنو آهي، ان ۾ شريڪ ماڻهن جو جذبو ڏسڻ وٽان ??هي، هي ادارو بنيادي طور تي انهي مقصد جي لاءِ ٺاهيو ويو هو، ان ميلي جو بنيادي مقصد پاڪستان ??ي عوام ک?? جوڙڻ، پاڪستان مختلف ثقافتن جو مجموعه آهي، ڪا به قوم پنهنجي ثقافت سان ??ڃاتي ويندي آهي، لوڪ ورثه پنهنجون ذميداريون بهترين طريقي سان نڀ??ئي رهيو آهي.