اسلام آباد ??? 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايتن موجب احساس پروگرام هلندڙ ٽن مهينن ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ 11 پناهگاهن (شيلٽر هوم) جو ا??تتاح ڪيو آهي جنهن ۾ 5 پناهگاهون ڪراچي ۾، 4 بلوچستان جي ضلعن ڪوئيٽا، قلعه عبدالله، گوادر ۽ لسٻيله ۾ جڏهن ته هڪ هڪ پناهگاه گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي ضلعن اسڪردو ۽ مردان ۾ ت??بيتوار قائم ڪيون ويون آهن. ضرورت موجب وڌ کان وڌ مزدورن تائين رسائي لاءِ اهي پناهگاهون گ??ٽ آمدني وارن ۽ پناهگير مزدورن جي رهائشي علائقن ۾ قائم ڪيون ويون آهن، پناهگاهن جو تصور وزيراعظم جي بي وس ۽ لاچار ماڻهن کي ??هولت ۽ انهن جي وقار کي ??رقرار رکڻ جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿو. پناهگاهون ماڻهن کي موسم جي شديد صورتحال ۽ سردي ۽ گرمي کان محفوظ رکن ٿيون، گذريل سال آگسٽ ۾ وزيراعظم غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن کي پناهگاهن جي معيار کي ??هتر بڻائڻ جي ذميداري سونپي هئي، ان کانپوءِ ڪم کي ??يزي سان ڪيو ويو ۽ هڪ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو جنهن تحت اسلام آباد ۾ سمورين پنج پناهگاهن جي معيار کي ??پ گريڊ ڪيو ويو، غربت جي خاتمي ڊويزن پاليسي فريم ورڪ تيار ڪيو ۽ پاڪستان بيت المال کي ??ن تي عملدرآمد جي ذميداري سونپي وئي، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن مان جاري پريس رليز موجب وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته اهي پناهگاهون هڪ بيڊ ۽ ناشتي جي سهولت سان کاڌو، ضروري سامان، صفائي سٿرائي ۽ تحفظ فراهم ڪنديون آهن ۽ هر پناهگاه ۾ 500 جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي مفت کاڌو ۽ رات جي قيام لاءِ 100 بسترن جي سهولت فراهم ڪئي ويندي آهي.