اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي نوٽيس وٺڻ تي ٻاهرئين ملڪ شهري کي 8 سالن کانپوءِ انصاف ملي ويو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني سٽيزن پورٽل تي شڪايت ڪئي جنهن جو وزيراعظم نوٽيس ورتو، جاچ کانپوءِ وزيراعظم جي حڪم تي اسلام آباد لينڊ روينيو جي آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪندي ڪوآپريٽو سوسائٽيز اسلام آباد جي ڊپٽي رجسٽرار کي فوري طور تي عهدي تان ??ٽا??و ويو. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ پاران جاري بيان م??جب ٻاهرئين ملڪ شهري جي شڪايت تي ڪارروائي ڪندي اسلام آباد سرڪل رجسٽرار آ??يس جي خلاف انڪوائري ڪئي وئي ۽ ڊپٽي رجسٽرار ڪوآپريٽو کي فوري طور تي عهدي تان هٽائڻ کانسواءِ چيف ڪمشنر گهرو وزارت مان سرڪل رجسٽرار کي معطل ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي آهي، ان کانسواءِ انسپيڪٽر ڪوآپريٽو سوسائٽيز کي پڻ عهدي تان برطرف ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف لاڳايل هائوسنگ سوسائٽي کي شوڪاز نوٽيس جاري ??ري بئنڪ اڪائونٽس پڻ منجمند ڪيا ويا، سرڪل رجسٽرار آ??يس جي لاڳاپيل ڪلرڪ کي پڻ نو??ري تان برطرف ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس م??جب ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني پلاٽ منتقلي بابت وزيراعظم کي شڪايت ڪئي هئي، سرڪل رجسٽرار آ??يس شهري جي شڪايت تي ان جي دادرسي ڪئي جنهن تي وزيراعظم ڊيليوري يونٽ جي هدايت تي چيف ڪمشنر شڪايتن تي انڪوائري ڪئي، چيف ڪمشنر آ??يس لاڳاپيل آفيسرن جي معطلي ۽ برطرفي جا نوٽيفڪيشن جاري ??ري ڇڏيا.