اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) نيشنل اڪنامڪ ڪائون??ل ايندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ 2100 ا??ب روپيا ڪرڻ ۽ واڌ جي شرح جو هد?? 4.6 سيڪڙو رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ سمورا وڏا وزير ۽ ٻيا اين اي سي ميمبرن شرڪت ٿيا. اجلاس ۾ مالي سال 22- 2021ع لاءِ ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ جي منظوري ڏني وئي، ايندڙ مالي سال لاءِ واڌ جي شرح جو هد?? 4.8 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي، ايندڙ مالي سال ۾ زراعت ۾ اضافي جو هد?? 3.5 سيڪڙو، انڊسٽريل سيڪٽر 6.5 سيڪڙو، جڏهن ته سروسز سيڪٽر ۾ 4.8 سيڪڙو هوندو، منصوبابندي واري وزارت پاران مالي سال 22 -2021ع جو پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام پيش ڪيو ويو، اجلاس کي ٻ??ايو ويو ته هلندڙ مالي سال لاءِ ترقياتي بجيٽ نظرثاني ڪاٿن موجب 1527 ا??ب روپيا رهندو، مالي سال 22 -2021ع جو ترقياتي بجيٽ 2100 ا??ب روپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، پي ايس ڊي پي جو ماپو 900 ا??ب روپيا هوندو، ان مان 244 ارب ٽرانسپورٽ اينڊ ڪميونيڪيشن، 118 ا??ب روپيا توانائي، 91 ا??ب روپيا آبي وسيلا، 113 ا??ب روپيا سوشل سيڪٽر، 100 ا??ب روپيا علائقائي برابري، 31 ا??ب روپيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي سيڪٽر، 68 ا??ب روپيا ايس ڊي جيز جڏهن ته 17 ا??ب روپيا پروڊڪشن سيڪٽر تي خرچ ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي،ا جلاس کي ٻ??ايو ويو ته پي ايس ڊي پي جو محور انفراسٽرڪچر جي بهتري، آبي وسيلن جي ڊولپمينٽ، سوشل سيڪٽر جي بهتري، علائقائي برابري، اسڪل ڊولپمينٽ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي جو فروغ ۽ ماحوليات جي حوالي سان قدمن هوندا. اجلاس کي ٻ??ايو ويو ته پي ايس ڊي پي ۾ حڪومتي پاليسي موجب انهن علائقن جي ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو جيڪي پوئتي رهجي ويون آهن، ان ڏس ۾ ڏکڻ بلوچستان، سنڌ جا ڪجهه ضلعا، گلگت بلتستان لاءِ مناسب فنڊز مختص ڪيا ويا آهن، ڏکڻ پنجاب جي ضلعن ۾ انفرااسٽرڪچر جي منصوبن لاءِ به فنڊز مختص ڪيا ويا آهن، اهڙي طرح ضم ٿيل علائقن لاءِ 54 ا??ب روپين جا فنڊز مختص ڪيا ويا آهن،