اسلام آباد / پشاور – 04 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته حڪومت جي ڪامياب جوان پروگرام ۽ انصاف روزگار اسڪيم جهڙين قرض اسڪيمن سان عوام خاص طور تي عورتن ۽ نوجوانن کي فائدو کڻڻ جي لاءِ انهن جي ??هنمائي جي ??رورت آهي، صوبائي حڪومتون چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري سان گڏجي نوجوانن ۾ حڪومت جي قرض اسڪيمن بابت شعور اجاگر ڪن ته جيئن نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعليٰ هائوس پشاور ۾ خيب??پخ??ونخواهه حڪومت جي ڪارڪر??گي بابت بريفنگ دوران ڪيو. اجلاس ۾ خيب??پخ??ونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، صوبائي وزيرن ۽ خيب??پخ??ونخواهه حڪومت جي ??عليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ??ه سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ صوبن ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني پيدا ڪرڻ جي ??رورت آهي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي ??عبي جي ??رقي سان صوبي جي ماڻهن جي ??رقي ۽ مقامي آبادي کي روزگار جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. هن چيو ??ه خيب??پخ??ونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن ۾ تڪرارن جي متبادل حل جي نظام سان ماڻهن کي فوري ۽ سستو انصاف فراهم ڪري سگهبو، تڪرارن جي متبادل حل جي نظام سان اڳوڻي فاٽا ضلعن ۾ عدليه تي بار گهٽ ڪرڻ ۾ مددملندي. صدر کي بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ??ه خيب??پخ??ونخواهه حڪومت اڳوڻي فاٽا جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي ??رقي ۽ بهتري تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، اڳوڻي فاٽا ضلعن جو خيب??پخ??ونخواهه ۾ انتظامي انضمام مڪمل ٿي چڪو آهي، ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ 491 ارب رپيا ماليت جا 901 منصوبا منظور ڪيا ويا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ضم ٿيل ضلعن ۾ تعليم، صحت، رستن، توانائي ۽ انتظامي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي منصوبن تي اڳڀرائي بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي ۽ کيس آگاهه ڪيو ويو ??ه صوبي ۾ جاري سمورا ترقياتي منصوبا مقرر وقت موجب مڪمل ٿي ويندا. صدر خيب??پخ??ونخواهه حڪومت جي ٽي سالا ڪارڪر??گي کي ساراهيو ۽ ضم ٿيل ضلعن جي مسئلن جي ??ل لاءِ مشاورتي سيشن باقاعده منعقد ڪرڻ تي صوبائي حڪومت کي ساراهيو. هن معياري صحت سهولتن جي فراهمي جي لاءِ صحت انصاف ڪارڊ جي ??هولت ضم ٿيل ضلعن تائين وڌائڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.