اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان ڏکڻ بلوچستان جي ترقي جي لاءِ ترقياتي پئڪيج جي 655 ارب ر??ين جي 200 ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ جي لاءِ هر مهيني ايپڪس ڪميٽي ۽ هر 15 ڏينهن کانپوءِ ايگزيڪيوشن ڪميٽي جا اجلاس منعقد ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته بلوچستان جا مسئلا ??لڪ جي ٻين حصن کان مختلف آهن ڇو ته ان جي آبادي وکريل آهي ۽ ڊگهي فاصلن جي ڪري اسان کي بلوچستان جي ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ غيرروايتي حل ڳولڻا پوندا. وزي??اع??م اها ڳالهه ڏکڻ بلوچستان ترقياتي پئڪ??ج تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزي??اع??م ترقياتي منصوبن جي سستي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير جي سر??راهي ۾ قائم ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م کي ٻڌايو ويو ته هڪ سال ۾ ايپڪس ڪميٽي جو رڳو هڪ اجلاس ٿيو. وزي??اع??م ان پئڪ??ج تحت 655 ارب ر??ين جي 200 ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي لاءِ هر مهيني ايپڪس ڪميٽي ۽ هر 15 ڏينهن کانپوءِ ايگزيڪيوشن ڪميٽي جا اجلاس منعقد ڪرڻ تي زور ڏنو. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته تربت ايئرپورٽ سان گڏوگڏ گوادر ۽ تربت ۾ 2 نرسنگ ڪاليجز جلد کان جلد تعمير ڪيا وڃن. وزي??اع??م چيو ته ترقياتي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هو ذاتي طور تي هر مهيني جائزه ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان جا مسئلا ??لڪ جي ٻين حصن کان مختلف آهن ڇو ته اتان جي آبادي وکريل آهي ۽ ڊگهي فاصلن جي ڪري اسان کي بلوچستان جي ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ غيرروايتي حل ڳولڻا پوندا. هن منصوبابندي واري وزارت، توانائي واري وزارت، سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ بلوچستان حڪومت کي هدايت ڪئي ته پئڪ??ج تحت ٽرانسپورٽ، توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪن.