اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??اڪ??تان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ سياسي رابطا وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، ازبڪستان ??اڪ??تان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي سان واپاري ۽ معاشي تعاون تيز ڪرڻو پوندو، ??اڪ??تان ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جو حامي آهي، ج??د مڪمل ڪرڻ جي لاءِ تعاون فراهم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي اشڪ آباد ۾ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزييويو سان ملاقات دوران ڪيو. ٻنهي ملڪن جي صدرن ملاقات ۾ ٻطرفي تعاون، واپار ۽ معاشي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمن تي تعاون وڌائڻ ۽ ٻطرفا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ازبڪستان جي صدر کي ??اڪ??تان جي دوري جي دعوت ڏني.