اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي فنانشل ايڪسپرٽ ۽ چارٽرڊ اڪائونٽنٽس مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي جنهن ۾ وڏا انڪشاف سامهون آيا آهن، فارن فنڊنگ جي حوالي سان پي ٽي آءِ، (ن) ليگ، پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جا ڪيسز هڪ جهڙا ۽ اسڪروٽني ڪميٽي به هڪ آهي، تنهن ڪر?? ا??يڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي اسان جي گذارش آهي ته انهن سمورين پارٽين جي ڪيسز کي گڏ ٻڌي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 3، 4، 9 کي آرٽيڪل 25 سان گڏائي پڙ??و ته اهو به رويي ۾ بنا فرق جي حق ڏي ٿو. فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ جا 9 ڳجها اڪائونٽس سامهون آيا آهن، پيپلزپارٽي 2013ع ۾ 9 اڪائونٽس، 2014ع ۾ 11 اڪائونٽس ۽ 2015ع ۾ 10 اڪائونٽس اليڪشن ڪميشن کان ڳجها رکيا. هن چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڪر??ڙين رپين جي ماليت جي ڊونيشن جون رسيدون، چيڪ، پي آرڊر سميت ڪنهن به قسم جو رڪارڊ ڏيکارڻ کان قاصر رهيون. مملڪتي وزير چيو ته ڪنهن چندو يا ڪنهن امداد ڏني، اهم رقم جو رڪارڊ نه آهي، ٻنهي پارٽين وٽ مني لانڊرنگ، جعلي اڪائونٽس ۽ ٽي ٽيز وانگر ان معاملي ۾ به ڪو رڪارڊ نه آهي. هن چيو ته (ن) ليگ 62 ڪر??ڙ مان 98 سيڪڙو رقم جو ڪو رڪارڊ ئي پيش نه ڪر?? سگهي، ڀون داس 3 ڪر??ڙ ۽ حنيف خان ساڍا 4 ڪر??ڙ رپيا جمع ڪرايا. مملڪتي وزير چيو ته اليڪشن جي لاءِ پارٽي ٽڪيٽ جي مد ۾ ساڍا 16 ڪر??ڙ جو رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو. فرخ حبيب چيو ته مسلم ليگ (ن) کي 2013ع کان 2015ع ٽن سالن ۾ 46 ڪر??ڙ جا عطيا آيا، هڪ ڪر??ڙ 65 لک جي خرچن جو ڪو حساب نه ڏنو ويو. مملڪتي وزير چيو ته پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي هڪ ٻئي کي رقم منتقل ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي، 10 ڪر??ڙ رپين جي لڳ ڀڳ پيپلزپارٽي پارليامينٽرين پيپلزپارٽي کي ضابطن جي خلاف ڏنا جڏهن ته پيپلزپارٽي جو 35 ڪر??ڙ عطين جو رڪارڊ ئي نه آهي.