اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمو?? قريشي سان آسٽريا جي هم منصب ال??گز??نڊر شلن برگ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان آسٽريا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان آسٽريا کي يور??ي يونين جو اهم ملڪ سمجهي ٿو. شاهه محمو?? قريشي چيو ته دوري سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائن ۾ مدد ملندي. مخدوم شاهه محمو?? قريشي چيو ته تازو ئي وزيراعظم آسٽريا جي چانسلر ڪارل نيهمر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي مختلف رخن تي گفتگو ڪئي، هن چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ اضافي جا وسيع امڪان موجود آهن، آسٽريا جي ڪمپنين جي لاءِ پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي، سياحت، هائوسنگ، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا م??جود آهن، سي پيڪ جي خصوصي اقتصادي زونز، آسٽريا جي سيڙپڪارن جي لاءِ پرڪشس مراعتن ۽ ٽيڪس جي چوٽ جي پيش نظر سيڙپڪاري جا پُرڪشش موقعا م??جود آهن. شاهه محمو?? قريشي چيو ته اسان کي اميد آهي ته آسٽريا هن سال جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي چوٿين ٻه ساله جائزي ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. پاڪستان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ ٽ??ڪن??ڪي ۽ پيشيوراڻي شعبن ۾ مضبوط رابطا م??جود آهن.