اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته هارس ٽريڊنگ ۽ ضمير فروشي جي راند بند ٿيڻ گهرجي، سنڌ هائوس ۾ جيڪا بدبودار راند کيڏي وئي آهي ان جو ازالو ناهي ٿيو، اتي خچر ٽريڊنگ، گهوڙا ٽريڊنگ ۽ گڏهه ٽريڊنگ جي منڊي لڳل آهي، جهڙي طرح سان ضمير فروشي ٿي رهي آهي، ان کي روڪڻ ضروري آهي، اٽارني جنرل جو موقف آهي ته ايم اين اي جو ووٽ پارٽي جو ووٽ آهي، ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو اسپيڪر ڪندو ج??هن ته تاحيات نااهلي بابت فيصلو سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي، هارس ٽريڊنگ روڪڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ جو اهو ڪيس انتهائي اهميت وارو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان پاڪستان ۾ هڪ نئين سياست جو بنياد رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر به موجود هو. چوڌري فواد حسين چي?? ته وزيراعظم جي چونڊ يا بي اعتمادي رٿ سميت فنانس بل تي ايم اين اي جو ووٽ پارٽي جو اجتماعي ووٽ آهي، جيڪو پارلياماني اڳواڻ جي ذريعي استعمال ٿيندو آهي، انهي نڪتي تي سپريم ڪورٽ ۾ اٽارني جنرل جا دليل جاري آهن، جيڪ??هن ان ووٽ تي پابندي نه هجي ها ته پوءِ آرٽيڪل 63 اي آڻڻ جو فائدو ئي ڪهڙو هو، ه?? چي?? ته پاڪستان جو مستقبل ان ڳالهه سان جڙيل آهي ته عدليه هارس ٽريڊنگ تي ڪارروائي ڪري، ه?? چي?? ته اٽارني جنرل بينظير ڀٽو ڪيس جوحوالو ڏنو، ان ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ سڄي ڳالهه وضاحت سان بيان ڪئي آهي، هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث ماڻهو پنهنجو ووٽ استعمال ڪري سگهندا يا نه ان ب??ري ۾ فيصلو اسپيڪر ڪندو پر تاحيات نااهلي بابت فيصلو سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي. اهن چي?? ته اهو ڪيس پاڪستان جي سياست جي مستقبل جو بنياد آهي، ه?? چي?? ته عدالت ۾ سنڌ هائوس جي معاملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، پوليس سنڌ هائوس تي جيڪو ايڪشن کنيو، عدالت ان مان مطئمن آهي ۽ ان معاملي کي ختم ڪيو ويو آهي، ه?? چي?? ته سنڌ هائوس ۾ جيڪا بدبودار راند کيڏي وئي آهي ان جو مداوا ناهي ٿيو. سنڌ هائوس ۾ جهڙي طرح سان ضمير فروشي ٿي رهي آهي ان کي روڪڻ ضروري آهي، ه?? چي?? ته پي ٽي آءِ جا ڪجهه ماڻهو پنهنجي ڪاوڙ تي ضابطو نٿا رکي سگهن ۽ انهن سنڌ هائوس جي ٻاهران احتجاج ڪيو، پوليس ان تي ڪارروائي ڪئي ۽ اهو معاملو ختم ٿي ويو آهي، ه?? چي?? ته سينيٽ اليڪشن ۾ يوسف رضا گيلاني لاءِ ووٽ خريد ڪرڻ جون وڊيوز آيون جيڪي اليڪشن ڪميشن موڪليون ويون پر ان تي ڪارروائي نه ٿي، جيڪ??هن ان وقت ڪارروائي ٿئي ها ته اڄ ماڻهو خريد ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جو ڌنڌو بند ٿي وڃي ها ۽ اسان کي هارس ٽريڊنگ کي ٻيهر منهن نه ڏيڻو پئي ها، چوڌري فواد حسين چي?? ته عدليه فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن کي چي?? هو ته ووٽ جي ٽريس ايبلٽي کي يقين بڻايو وڃي، جيڪ??هن ڪنهن تي سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ وڪرو ڪرڻ جو الزام لڳي ٿو ته ان جو ووٽ ٽريس ڪري سگهجي، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل نه ڪيو جنهن جي ڪري اڄ اهو بحران درپيش آهي، ه?? چي??ته هارس ٽريڊنگ روڪڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ جو اهو ڪيس انتهائي اهميت وارو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان پاڪستان ۾ هڪ نئين سياست جو بنياد رکيو ويندو، ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو اسپيڪر ڪندو ج??هن ته نااهلي جو فيصلو عدالت کي ڪرڻو اهي، ه?? چي?? ته جيڪ??هن ڪو پارٽي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهي منتخب ٿي پارليامينٽ ۾ اچي ۽ ان کي پارٽي پاليسي سان اختلاف هجي ته اهو مستعفي ٿي عوام وٽ ٻيهر وڃي، اليڪشن وڙهي ۽ عوام جي ووٽ سان چونڊجي اچي پر ائ??ن نٿو ٿي سگهي ته عمران خان جي نالي تي يا ڪنهن پارٽي جي منشور تي اليڪشن کٽي اچي ۽ پوءِ انهي جي پٺي ۾ ڇرو هڻي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته مسلم ليگ (ق) ۽ ايم ڪيو ايم ڪابينا جو حصو آهن، ٻه ٻه وزارتون انهن وٽ آهن، جيستائين اتحادي ڪابينا ۾ آهن ته ظاهر آهي اهي گڏ آهن، هڪ ٻي سوال تي هن چي?? ته آرٽيڪل 63 اي تاحيات نااهلي بابت آهي، ان ب??ري ۾ فيصلو سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي، سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ ان کان پهرين فيصلو ڏئي چڪي آهي ته جيڪ??هن نااهلي جو مدو آئين ۾ لکيل ناهي ته اهو تاحيات آهي. اهو فيصلو آرٽيڪل 63 تي آهي، آرٽيڪل 63 اي تي نه هو، اسان تشريح لاءِ آيا آهيون ته آرٽيڪل 63 جو فيصلو 63 اي تي به لاڳو ٿيندو يا نه.