اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عمران خان کي تخت ۽ تاج جي ڪا پرواهه نه آهي، عمران خان مسلمان امت جي ضرورت بڻجي بيٺل آ??ي، عمران خان تائين پهچڻ جي لاءِ 20 ڪروڙ عوام ما?? گذري اچڻو پوندو، پـٺيءَ ۾ ڇرو گهونپڻ وارا اسلام آباد ۾ لڪي ويٺل آ??ن، پن??نجي تڪن ۾ وڃي ڏسن هر منٽ ۾ انهن کي سئو جوتا پوندا. پريڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ امر بالمعروف جلسي کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير جلسي ۾ موجود پ??ڪستان تحريڪ انصاف جي لکين ڪارڪنن کي سلام پيش ڪندي چيو ته عوام ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اسلام آباد جو اقتدار ڪنهن سازش سان نه عوام ما?? ٿي گذرندو. هن چيو ته مون چيو هو ته 10 لک ماڻهن جو ميڙ هوندو ۽ سازشين کي ان ما?? گذري وڃڻو پوندو، اڄ ٻڌائي رهيو آهيان ته انهن ماڻهن کي 20 ڪروڙ عوام ما?? گذري عمران خان تائين پهچڻو پوندو. هن چيو ته عمران خان کي تخت ۽ تاج جي ڪا پرواهه نه آهي، عمران خان مسلمان امت جي ضرورت بڻجي بيٺل آ??ي، عمران خان پاڪستان ۽ ان جي عوام جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي ايواني سازشن سان ڪا دلچسپي نه آهي، اسان عوام ما?? آهيون ۽ عوام ۾ ئي رهنداسين، اسان کي اقتدار به عوام ڏنو آهي ۽ اسان اقتدار عوام جي سر تي رکنداسين، عمران خان کي تخت ۽ تاج جي ڪا لالچ نه آهي، اقتدار ۾ اچڻ وڃڻ سان ان کي ڪو فرق نه ٿو پوي، فرق پوندو ته اهو مون کي ۽ عوام کي پوندو. چوڌري فواد حسين چيو ته پٺيءَ ۾ ڇرو گهونپڻ وارا اسلام آباد ۾ لڪي ويٺل آ??ن، پن??نجي تڪن ۾ وڃي ڏسن هر منٽ ۾ انهن کي سئو جوتا پوندا. هن چيو ته عمران خان غربت جو درد رکندڙ ليڊر آهي، عمران خان اقتدار نه قدرن جي سياست ڪري ٿ??، عوام وزيراعظم عمران خان جي اشاري جي منتظر آهي.