اسلام آباد – 18 –; اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي وقتي صدر جمال شاهه ڪاڪڙ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب جمال شاهه ڪاڪڙ وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ملڪ کي واپس تر??ي جي راهه تي گامزن ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن وزيراعظم جي گذريل سالن ۾ نظرانداز ڪيل علائقن خاص طور تي بلوچستان جي ترقي کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائڻ جي هدايت کي خوش آئنده قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ تر??ي جي رف??ار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ?? شامل آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت بلوچستان جي باصلاحيت افرادي قوت کي تر??ي جي هڪ جهڙن موقعن جي فراهمي يقيني بڻائيندي.