اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته يوم مئي اسان کي پورهي?? طبقي جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو سنهري موقعو فراهم ڪري ٿو جيڪي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ظلم، ستم، استحصال ۽ ناانصافي جي خلاف شڪاگو ۾ فوت ٿيندڙ مزدورن جي جدوجهد کي ياد ڪندي اسان مزدور طبقي جي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، اڄ جو ڏينهن پاڪستاني مزدور ڪميونٽي جي ڪردار، صلاحيتن، ڪم سان لڳاءُ، ملڪ جي خوشح??لي ۽ ترقي پسند قوم جي عزت جي علامت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار يوم مئي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ ڪيو جيڪو اڄ آچر تي سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي اسپيڪر چ??و ته پورهي?? طبقو ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خوشح??لي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندو آهي تنهن ڪري اسان تي لازمي آهي ته انهن جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ انهن جي خدمتن جي معاوضي جي وقت سر ادائيگي کي يقيني بڻائون. هن چ??و ته دنيا جي سمورن مهذب معاشرن پنهنجي پورهي?? طبقي جي حقن ۽ ڀلائي ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانونسازي ڪري رکي آهي، هن چ??و ته موجوده جمهوري حڪومت مزدورن جي ترقي ۽ خوشح??لي لاءِ مزدور دوست پاليسيون جوڙي رهي آهي، اسپيڪر چ??و ته ملڪي ترقي لاءِ حقن ?? فرضن ۾ توازن انتهائي اڻٽر آهي، هن مزدور برادري کي اهو پيغام ڏنو ته هو ملڪ جي ترقي ۽ خوشح??لي لاءِ محنت ۽ جانفشاني سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن، ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني يوم مئي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سڄي دنيا جي افرادي قوت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته افرادي قوت ڪنهن به ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، هن چ??و ته ملڪ ۾ موجوده جمهوري حڪومت مزدور برادري ۽ انهن جي خاندانن جي ڀلائي ۽ خوشح??لي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، هن چ??و ته وزيراعظم پاڪستان ميان محمد شهباز شريف وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين تقرير ۾ مزدورن جي گهٽ کان گهٽ اجرت 25000 هزار مقرر ڪئي آهي جيڪا مزدور برادري جي حقن جي تحفظ جي عڪاسي آهي. هن مزدور طبقي جي حقن جي تحفظ ۽ کين بهتر معيار زندگي جي فراهمي جي حڪومت عزم جو ورجاءُ ڪيو.