اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان چ??ني ناظم الامور پينگ چنڪسو پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. مملڪتي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لازوال اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ ک?? وڌ??ڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان جي بنيادي مسئلن ۽ ترقي جي ڏس ۾ چين جي پراڻي حمايت کي ساراهيون ٿا. حنا رباني کر چيو ته پاڪستان بي آر آئي جي اهم منصوب?? سي پيڪ جي رفتار ۾ تيزي آڻڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته سي پيڪ تحت ??صو??ي اقتصادي زونز ۾ وڌندڙ چ??ني سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا.