نيويارڪ – 19 – مئ?? (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرد??ري پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ٻطرفي حصيد??ري تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ترڪيءَ سان اقتصادي تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزارت پاران ج??ري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرد??ري اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي ترڪ هم م??صب موولت ڪاوو سوگلو سان عالمي تحفظ خوراڪ جي لاءِ حڪمت عملي جي حوالي سان منعقد وزارتي اجلاس جي موقعي تي ملاقات دوران ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرد??ري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ شاندار ۽ ٻطرفي حصيد??ري تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان جي ترڪيءَ سان پنهنجي وسيع البنياد تعاون وڌائڻ جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته هن سال نومبر ۾ پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 75 هين سالگرهه کي ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو. هن ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ترڪيءَ جي اصولي موقف تي ترڪ حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن ترڪ پرڏيهي وزير کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدمن ۽ نام نهاد حدبندي ڪميشن جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاه ڪيو. هن مختلف عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ترڪيءَ جي حمايت کي ساراهيو. هن ترڪيءَ سان اقتصادي تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.