لاهور – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ چيني ??مپنين کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن، پاڪ چائنه گڏيل سيڙپڪاري جي منصوبن کي جلد فعال ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهولت پهچائي وڃي، انهن ڪمپنين جي ملازمن لاءِ سيڪيورٽي وڌيڪ موثر بڻائي وڃي. هن اها هدايت چيني ??مپنين جي سيڙپڪاري جي سلسلي ۾ جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي، تر??ي واري وفا??ي وزير احسن اقبال، پاور ڊويزن واري وفا??ي وزير خرم دستگير، سيڙپڪاري بورڊ واري وفا??ي وزير چوڌري سالڪ حسين، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق فاطمي، ??هر??، ناڻي، پرڏيهي معاملن جي سيڪريٽرين، سيڙپڪاري بورڊ، پيٽروليم، پاور، آءِ ٽي، ريلوي جي سيڪريٽرين ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وفا??ي وزير احسن اقبال پاڪستان چين جي گهڻ رخي لاڳاپن ۽ سيڙپڪاري ۾ موجود وڌيڪ امڪاني موقعن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف خصوصي هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ چيني ??مپنين کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن، پاڪ – چائنه گڏيل سيڙپڪاري جي منصوبن کي جلد فعال ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهولت هڪٻئي کي پهچائي وڃي، هن هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ سمورين چيني ??مپنين جي ملازمن جي سيڪيورٽي وڌيڪ موثر بڻائي وڃي.