اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي ڪابينا ٻوڏ متاثر خاندانن جي لاءِ في خاندان 25 هزار رپين جي فوري روڪ امداد جي لاءِ مخصوص فنڊ کي 28 ارب مان وڌ??ئي 70 ارب رپيا ڪري ڇڏيو آهي. پنهن??ي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اهو اضافو ٻوڏ جي وسيع پئماني تي تباهين کي ڏسندي ڪيو ويو آهي. ا??ا رقم بي آءِ ??يس پي جي ذريعي ورهائي پئي وڃي.